خود نگري پنھنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جو سليقو پيدا ڪري وٺجي ته هي حقيقت
منڪشف ٿيندي ته اسان جو داخلي وجود دراصل هڪ جنون جو مهاساگر ۽
بيابان آهي جنهن جو ڪنارو ڪونهي. ٻن عالمن جي اڪيلائي ۽ وحشت ان
بيابان ۾ اچي وئي آهي. آهو مشڪ وارو هرڻ جي خوشبو جي ڳالهه ڪير
ٻڌائي سگهي. فڪر جي اڻ تڻ جي ڪيفيت پڇڻ بيڪار آهي.